پوليو جي روڪٿام واري مهم ڇوٿين ڏينهن ۾ داخل، لکين پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري رهيا آهن: اين اي او سي

اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جاري 2026ع جي ٻي قومي پوليو مهم ڇوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ لکين پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري رهيا آهن. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن جيڪي نه صرف ٻارن کي پوليو ويڪسين فراهم ڪري رهيا …

اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جاري 2026ع جي ٻي قومي پوليو مهم ڇوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ لکين پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري رهيا آهن. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب مهم ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن جيڪي نه صرف ٻارن کي پوليو ويڪسين فراهم ڪري رهيا آهن پر انهن کي وٽامن اي جي اضافي خوراڪ پڻ ڏئي رهيا آهن. عملدارن موجب اها مهم پاڪستان سان گڏوگڏ افغانستان ۾ پڻ هڪ ئي وقت جاري آهي ته جئين خطي مان پوليو وائرس جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي. واضع رهي ته پوليو مهم 19 اپريل تائين جاري رهندي. اختيارين پاران والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پيئارين.جڏهن ته پوليو ٽيم سان رابطي لاءِ 1166 تي ڪال يا 7776546-0346 تي واٽس ايپ پيغام موڪلي سگهن ٿا.

مزید خبریں