انطاليه - 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري تي انطاليه پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انطاليه جي گورنر هلوسي شاهين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير يوسف جنيد ۽ اعلى سفارتي اهلڪار پڻ موجود هئا. وزيراعظم (سڀاڻي) جمعي ڏينهن پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري تي انطاليه پهچي ويو

مزید خبریں
انطاليه – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري تي انطاليه پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انطاليه جي گورنر هلوسي شاهين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير يوسف جنيد ۽ اعلى سفارتي اهلڪار پڻ موجود هئا. وزيراعظم (سڀاڻي) جمعي ڏينهن پنجين انطاليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فورم ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ “ليڊرز پينل” ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي سندس ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ وزيراعظم جو عالمي ميڊيا بابت ترجمان مشرف زيدي پاڪستاني وفد ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن.











