اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته خطي جي صورتحال سبب توانائي جي موجوده حالتن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام کي درپيش مشڪلاتن تي معذرت خواه آهيان جيئن ئي گيس جي فراهمي بحال ۽ پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ پاور سيڪٽر ۾ اهم سڌارا آندا. بجلي …
خطي جي صورتحال سبب توانائي جي موجوده حالتن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيئن ئي گيس جي فراهمي بحال ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌندي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي: اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته خطي جي صورتحال سبب توانائي جي موجوده حالتن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام کي درپيش مشڪلاتن تي معذرت خواه آهيان جيئن ئي گيس جي فراهمي بحال ۽ پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ پاور سيڪٽر ۾ اهم سڌارا آندا. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ نظام کي مؤثر انداز ۾ هلايو پيو وڃي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي، منگلا ۽ تربيلا ڊيم مان پاڻيءَ جي ڇوڙ ۾ گهٽتائيءَ سبب تقريبن 1530 ميگاواٽ جي بجلي جي پيداوار گهٽ ٿي آهي جڏهن ته ايل اين جي جي عدم دستيابي سبب 2500 ميگاواٽ جو شارٽ فال سامهون آهي. وفاقي وزير پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اپريل 2026ع کان نار جي صورتحال سبب تقريبن سمورن ايل اين جي پلانٽس کي گيس جي سپلاءِ بند آهي. اپريل جي پهرين 15 ڏينهن ۾ ڏهاڙي بجلي جي طلب 15 کان 20 هزار ميگاواٽ رهي. پيڪ اوورز ۾ لوڊشيڊنگ تي معذرت خواه آهيان. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاڪستان کي هميشه اونداهين مان ڪڍيو، ڏينهن جي وقت ۾ ڪنهن به قسم جي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اپريل جي مهيني ۾ بجلي جي پيداوار ڊيمانڊ ۽ نار جي صورتحال عيوض پوندڙ اثرن تي ٻَڌل حقيقتن ۽ انگن اکرن تي ڳالهائيندي چيو ته اپريل ۾ اسان گهٽ ترين ڊيمانڊ 9 هزار ميگاواٽ کي مُنهن ڏنو ۽ صرف 6 ڏينهن کانپوءِ 15 اپريل تي 20 هزار ميگاواٽ جي ڊيمانڊ ٿي وئي. گذريل سال اپريل جي مهيني ۾ پن بجليءَ مان 3200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته ايل اين جي مان 3 هزار ميگاواٽ ۽ فرنس آئل نه هئڻ برابر استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان جو بجلي جي قيمتن تي اثر پوي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال اپريل ۾ نار جي صورتحال سبب تقريبن سمورن ايل اين جي پلانٽس کي گيس جي سپلاءِ بند آهي ان سمورن ايل اين جي پلانٽس جي پيداواري صلاحيت 6 هزار ميگاواٽ آهي جنهن مان ڪول گيس مان صرف 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته پن بجليءَ مان هلندڙ سال اپريل ۾ 1600 ميگاواٽ بجلي بڻجندي رهي آهي. اويس احمد خان لغاري چيو ته جيڪڏهن اسان کي ايل اين جي دستياب هوندي ۽ پن بجلي به ٺهندي ته اسان انهن جي کوٽ کي پورو ڪري سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته ايل اين جي پاور پلانٽس جي ڪل سگهه 6 هزار ميگاواٽ آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل سال اپريل ۾ پن بجليءَ مان 3200 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا هلندڙ سال گهٽ ٿي 1671 ميگاواٽ رهجي وئي آهي. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته پاڻي صرف ان ذخيرن مان ڇڏيو وڃي ٿو جڏهن زرعي ضرورت هجي ڇاڪاڻ ته صرف بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻي نٿو ڇڏي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي سمورن دستياب ذريعن جنهن ۾ ٻاهران ايندڙ ۽ مقامي ڪوئلو نيوڪليئر پن بجلي ۽ سولر توانائي استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن وقت ايل اين جي ۽ پن بجلي ۾ گهٽتائيءَ سان فرق کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فرنس آئل پلانٽس هلائي رهيا آهيون جڏهن ته اڃا به تقريبن 3400 ميگاواٽ جو شارٽ فال سامهون آهي، هر 500 کان 600 ميگاواٽ جي شارٽ فال تي تقريبن هڪ ڪلاڪ جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ 3400 ميگاواٽ جي شارٽ فال سان اسان کي 6 کان 7 ڪلاڪ جي لوڊ مئنجمينٽ ڪرڻي پوي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻارڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن بجلي جي پيداوار وڌائي سگهجي. هن وقت ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ بنا فرق جي هڪجهڙي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ضرورت پوڻ تي صنعتن جي بجلي به عارضي طور بند ڪئي آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو جي علائقن ۾ واڌو لوڊشيڊنگ نه ڪئي وئي، ڏينهن جي وقتن ۾ لوڊ مئنجمينٽ نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جي وقتن ۾ اسان وٽ ڊيمانڊ گهٽ ۽ پيداوار وڌيڪ هوندي آهي. صارفين کي درخواست آهي ته بجلي جي استعمال ۾ ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺن. هن وقت اسان هڪ عالمي صورتحال سبب ايمرجنسي جي حالت ۾ آهيون، اسان کي بجلي جي استعمال ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن رات جي وقت ۾ بجلي کي گهٽ کان گهٽ بند ڪري سگهجي. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اسان وٽ مختلف ذريعن مان هلندڙ پاور پلانٽس موجود آهن جيڪي اسان جي حڪومت جي ڪوششن سان ممڪن ٿيا آهن جيڪڏهن ڪوئلو، هوا، سولر، نيوڪليئر، پن ۽ ٻين ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪارخانا نه لڳن ها ته اسان جي حالت تمام گهڻي خراب هجي ها. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته عوام کي درپيش مشڪلاتن تي معذرت خواه آهيون، جيئن ئي گيس جي فراهمي بحال ٿيندي ۽ پن بجلي جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي ته لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ پاور سيڪٽر ۾ اهم سڌارا آندا. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آندي ۽ نظام کي مؤثر انداز ۾ هلايو پيو وڃي.











