راولپنڊي-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه گڏيل ڪمانڊو ۽ اسپيشل فورسز مشق جناح- XIII ڪاميابي سان ترڪيه ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جو محور دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف آپريشنز آهي. پاڪ فوج جي جٿن پنهنجي ترڪ هم منصبن سان شرڪت ڪئي جڏهن ته تربيتي سرگرميون انقره ۽ اسپارٽا ۾ انجام ڏنيون ويون. ڪالهه پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب مشق پنهنجا سمورا تربيتي ۽ عسڪري …
پاڪستان ترڪيه گڏيل ڪمانڊو ۽ اسپيشل فورسز مشق جناح- XIII ڪاميابي سان ترڪيه ۾ بندوبست

مزید خبریں
راولپنڊي-16 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه گڏيل ڪمانڊو ۽ اسپيشل فورسز مشق جناح- XIII ڪاميابي سان ترڪيه ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جو محور دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف آپريشنز آهي. پاڪ فوج جي جٿن پنهنجي ترڪ هم منصبن سان شرڪت ڪئي جڏهن ته تربيتي سرگرميون انقره ۽ اسپارٽا ۾ انجام ڏنيون ويون. ڪالهه پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب مشق پنهنجا سمورا تربيتي ۽ عسڪري سفارتي هدف ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيا. ٻنهي ملڪن جي فوجن پوري مشق دوران پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل صلاحيت جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو، ان مشق جو بنيادي مقصد دهشتگرديءَ جي خاتمي جي آپريشنز بابت مشقن، طريقيڪار ۽ فني پاسن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ هو. خاص طور تي شهري علائقن ۾ ويڙهه ۽ ديسي ساخت ڌماڪيدار اوزارن (آءِ اي ڊيز) جي ازالي تي ٻَڌل تربيت ذريعي زور ڀريو ويو. ان مشق ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ پُراڻي ۽ تاريخي عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.











