گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران هنگو جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس ۽ فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هنگو جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير 7 دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس ۽ فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته فتنه الخوارج …

اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هنگو جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير 7 دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس ۽ فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر پُٽن کي سلام پيش ڪريان ٿو. گهرو وزير زخمي اهلڪار جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں