لاڙڪاڻو-16 اپريل (اي پي پي) بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر چيو آهي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت اي مارڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي شاگردن جا پيپر ڪمپيوٽرائيز جي ذريعي چيڪ ڪيا ويندا. 20 اپريل کان شروع ٿيندڙ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحانن لاءِ 135 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 97291 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏيندا. اھڙي …
سنڌ ۾ پهريون ڀيرو اي مارڪنگ جو نظام لاڳو، شاگردن جا پيپر ڪمپيوٽرائيز نظام وسيلي چيڪ ڪيا ويندا: لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر جي ”اي پي پي“ سان ڳالھ ٻولهه

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-16 اپريل (اي پي پي) بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر چيو آهي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت اي مارڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي شاگردن جا پيپر ڪمپيوٽرائيز جي ذريعي چيڪ ڪيا ويندا. 20 اپريل کان شروع ٿيندڙ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحانن لاءِ 135 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 97291 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏيندا. اھڙي خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. بورڊ چيئرمين ٻڌايو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت اي مارڪنگ جو نظام پڻ متعارف ڪرايو آهي، جنهن ذريعي شاگردن جا پيپر ڪمپيوٽرائيز نظام ذريعي چيڪ ڪيا ويندا. لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر چيو ته لاڙڪاڻو بورڊ پاران بورڊ ملازمن جون 15، ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جون 12 وجيلنس ٽيمون پڻ ٺاهيون ويون آهن، امتحان دوران سڀ انتظام ڪمشنر لاڙڪاڻي جي هدايتن مطابق ڪيا ويندا۔ امتحاني مرڪزن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويندا۔ هن ٻڌايو ته هر ضلعي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيا ويندا ۽ بورڊ آفيس ۾ پڻ هڪ مرڪزي مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي، جتي امتحانن سان لاڳاپيل ڪنهن به شڪايت کي فوري طور حل ڪيو ويندو.











