وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ تازي علائقائي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ تازي علائقائي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب پاران ڏيکاريل غيرمعمولي صبر ۽ تحمل کي ساراهيو. پريس بريفنگ ۾ …

اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ تازي علائقائي ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب پاران ڏيکاريل غيرمعمولي صبر ۽ تحمل کي ساراهيو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي پاڪستان جي تازي امن ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ۽ اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي تاريخي ڳالهه ٻولهه منعقد ٿي. ترجمان چيو ته سعودي ولي عهد امن عمل ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سعودي عرب پاران پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ مسلسل حمايت تي ولي عهد جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ منفرد تعلق موجود آهي ۽ پاڪستان – سعودي عرب اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ دفاعي حصيدار آهن. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 کان 18 اپريل دوران سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جي سرڪاري دوري تي آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ٻطرفي لاڳاپن جي ڏس ۾ ٿي رهيا آهن جڏهن ته ترڪيه جو دورو انطاليه ڊپلوميسي فورم جي پنجين اجلاس جي سلسلي ۾ آهي. جتي وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏ ليڊرز پينل ۾ شرڪت ڪندو ۽ فورم ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.

مزید خبریں