اسلام آباد - 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اصولن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته …
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي: طاهر حسين اندرابي

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اصولن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هن وقت شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي ڪائونسل جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ هن تازو ئي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ڪائونسل جي 45هين اجلاس جي ڪاميابي سان صدارت ڪئي. ترجمان چيو ته ڪائونسل گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي غور فڪر ڪيو جنهن ۾ علائقائي سلامتي تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته اجلاس ۾ ڪائونسل پنهنجي سرگرمين بابت ڪيترن ئي دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني ته جيئن انهن کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي ڪائونسل کي پيش ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته ڪائونسل وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن پاران درپيش مسلسل خطري کي پڻ اجاگر ۽ دهشتگردي جي خلاف تعاون ۽ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ايس سي او ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف جي ملڪ جي طور تي علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نمايان قربانيون ڏيندو رهيو آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.











