اُسرندڙ ملڪ قرضن جي دٻاءُ جو شڪار آهن: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

واشنگٽن ڊي سي-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اُسرندڙ ملڪ قرضن جي دٻاءُ جو شڪار آهن، وياج جي بلند شرح ۽ عالمي مالياتي حالتن ۾ سختيءَ سبب اُسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ پائيدار اؤسر لاءِ سيڙپڪاريءَ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. مالي سال 2026ع جون ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مالياتي انتظام يقيني بڻايا ويا آهن. هن اها …

واشنگٽن ڊي سي-16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اُسرندڙ ملڪ قرضن جي دٻاءُ جو شڪار آهن، وياج جي بلند شرح ۽ عالمي مالياتي حالتن ۾ سختيءَ سبب اُسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ پائيدار اؤسر لاءِ سيڙپڪاريءَ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. مالي سال 2026ع جون ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مالياتي انتظام يقيني بڻايا ويا آهن. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ باروئررز پليٽ فارم جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ۽ مختلف عالمي مالياتي ادارن جي وفدن ۽ عهديدارن سان ملاقاتن دوران چئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وڏي انگ ۾ اُسرندڙ ملڪ شديد قرضن جي دٻاءُ جو شڪار آهن جتي بلند وياج واري شرح ۽ عالمي مالياتي حالتن ۾ سختيءَ سبب انهن جي ترقي ۽ پائيدار اؤسر لاءِ سيڙپڪاريءَ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ داخلي سڌارا نهايت اهم آهن ۽ ان تي عملدرآمد جاري آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي نظام ۾ موجوده ڍانچه جاتي رڪاوٽون قرض وٺندڙ ملڪن لاءِ دستياب پاليسي گنجائش کي محدود ڪري رهيون آهن. ناڻي واري وزير ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته باروئررز پليٽ فارم هڪ پُراڻي خال کي ڀري ٿو ڇاڪاڻ ته قرض وٺندڙ ملڪن وٽ اهڙو ڪوبه مخصوص فورم موجود ناهي جتي هو پنهنجن تجربن جي مٽاسٽا ڪري سگهن، اُڀرندڙ خطرن جي نشاندهي ڪري سگهن ۽ پنهنجي اجتماعي مؤقف ۾ هم آهنگي پيدا ڪري سگهن. هن واضح ڪيو ته هي پليٽ فارم ڪنهن به ڳالهين جي بلاڪ طور تي نه پر هڪ رضاڪاراڻي ميمبر ملڪن جي قيادت جو قدم آهي جنهن جو مقصد هڪٻئي کان سکڻ، تجربن جي مٽاسٽا ۽ عالمي مالياتي مباحثي ۾ قرض وٺندڙ ملڪن جي آواز کي مؤثر بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزير عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي وڪالت کي ساراهيو. مصر جي قيادت جي ساراهه ڪئي ۽ گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي واري ڪانفرنس جي معاونت جو اعتراف ڪيو. ان پليٽ فارم جي عارضي چيئرمين طور مصر جو اعلان پڻ ڪيو. فچ ريٽنگز سان تعميري ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي ڪريڊٽ پروفائل جي حوالي سان فچ جي مسلسل شموليت ۽ جائزي کي ساراهيندي پاڪستان جي بي ڪاٽو ڪريڊٽ ريٽنگ جي توسيع ڪندي اداري جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ سان توسيعي فنڊ سهولت اي ايف ايف تحت ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت ٻئي جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي چڪو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان مالياتي سال 2026ع جون پنهنجون ذميواريون پوريو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي مالياتي انتظام به يقيني بڻائي ورتا آهن. هن عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ مضبوط موجودگي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جي حڪمت عمليءَ تي روشني وڌي جنهن ۾ مختلف مالياتي ذريعن جهڙوڪ پانڊا بانڊز، يورو بانڊز ۽ عالمي سڪوڪ ۽ ايس ايس جي سان ڳنڍيل بانڊز شامل آهن. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ماساتوڪاندا سان ملاقات ۾ وفاقي وزير ڪنٽري پارٽنرشپ اسٽريٽجي تي صحيحن کي پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان پهرين پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ انهانسمنٽ فراهم ڪرڻ تي بئنڪ جي تعاون تي صدر جو ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير بئنڪ جي صدر کي عالمي مالياتي فنڊ سان ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت ٻئي جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدي جي ڪامياب تڪميل کان آگاهه ڪيو ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ اڳڀرائيءَ جي اميد ظاهر ڪئي. ناڻي واري وزير جاري بحران کي اهم سپلاءِ شاڪ قرار ڏيندي ان جي شروعاتي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسي ردِعمل جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ ٻارڻ جي دستيابي، قيمتون، لاجسٽڪس، هدف سبسڊيز، طلب جي نظم و نسق وارا قدم شامل آهن. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان گڏجي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي اثرن جي جاري جائزي جو به ذڪر ڪيو ۽ ملاقات دوران ناڻي واري وزير صدر ڪاندا طرفان ڀاڻ جي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽ، زرعي پيداوار تي امڪاني اثرن ۽ مالياتي مارڪيٽن ۾ لاهن چاڙهن بابت خدشن جو به نوٽيس ورتو. ناڻي واري وزير، وزيراعظم طرفان صدر ڪانڊا کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. فرينڪلن ٽيمپلٽن جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ناڻي واري وزير وفد کي حڪومت جي جاري نجڪاري پروگرام تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته 28 کان 29 سرڪاري ملڪيتي ادارن کي باضابطه طور نجڪاري ڪميشن حوالي ڪيو ويو آهي. هن اسلام آباد، ڪراچي ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ ۽ بجلي جي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاريءَ تي به روشني وڌي. ڪيپيٽيل مارڪيٽس جي حوالي سان ناڻي واري وزير گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام، ليڊ مئنيجرز جي چونڊ لاءِ ايندڙ ريڪوسٽ فار پروپوزلز ۽ چئن سالن جي وقفي کان پوءِ پاڪستان جي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپسيءَ جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده مارڪيٽ ۾ لاهن چاڙهن کي نظر ۾ رکندي حڪومت قيمتن ۽ وقت جي تعين ۾ محتاط حڪمتِ عملي اختيار ڪندي. وفاقي وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي باضابطه طور قائم ٿي چڪي اهي جڏهن ته بائنينس ۽ ٻيا ورچوئل اثاثا سروس فراهم ڪندڙن کي نو آبجيڪيشن سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن. هن اهو به ٻُڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ 2018ع ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي ڏي وٺ لاءِ بئنڪاري ذريعن جي استعمال تي لاڳو پابندي واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ هن اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن لاءِ هڪ منظم تربيتي پروگرام جي قيام ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. جي پي مورگن چيس جي نمائندن سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ان ڳالهه جو اِشارو ڏنو ته پاڪستان تقريبن چئن سالن جي وقفي کان پوءِ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر داخلا جي تياري ڪري رهيو آهي. هن جي پي مورگن ٽيم کي پاڪستان جي گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جنهن تحت ويجهي مُدت ۾ رپئي سان واڳيل ڊالر ۾ نامزد مالياتي اوزار جاري ڪرڻ جي توقع جو اظهار ڪيو. هن ٽيم کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيل ڪائونٽر انڊيمنٽي معاهدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جيڪو پاڪستان اڳ ئي پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي معاونت لاءِ کنيا آهن، وفاقي وزير سعودي عرب طرفان فراهم ڪيل مالي معاونت کي ساراهيو. هن جي پي مورگن ٽيم کي خاطري ڪرائي ته اجلاس دوران پيش ڪيل مختلف مالياتي تجويزون ۽ مارڪيٽ آپشنز جو غور سان جائزو ورتو ويندو. سِٽي ميڪرو فورم کي خطاب ۾ ناڻي واري وزير تصديق ڪئي ته ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت ٻئي جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان ان جي منظوري مئي جي شروعات ۾ متوقع آهي. ناڻي واري وزير سعودي عرب طرفان فراهم ڪيل مالي معاونت تي گهري ٿورن جو اظهار ڪيو. موجوده بحران سبب حاصل ٿيل سببن جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي تعمير ۽ تجديد جوڳي توانائي طرف منتقليءَ کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اوڀرندڙ موقعن جي به نشاندهي ڪئي، جن ۾ ڪراچي پورٽ تي ٽرانزٽ، ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ گوادر کي هڪ اسٽريٽجڪ واپاري راهداري طور ترقي ڏيارڻ لاءِ نئين اڳڀرائي جا امڪان به شامل آهن.

مزید خبریں