اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي اجازت کان سواءِ ميڊيڪل جي شاگردن جي داخلا بابت ڪيس پي ايم ڊي سي کي موڪليندي هدايت ڪئي آهي ته قانون ۽ لاڳاپيل قاعدن مطابق ٽن هفتن ۾ فيصلو ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي خميس تي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دروان چيف جسٽس ريمارڪس …
وفاقي آئيني عدالت ميڊيڪل جي شاگردن جي داخلائن جو معاملو پي ايم ڊي سي کي اماڻي ڇڏيو، ٽن هفتن ۾ فيصلو ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-16 اپريل(اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي اجازت کان سواءِ ميڊيڪل جي شاگردن جي داخلا بابت ڪيس پي ايم ڊي سي کي موڪليندي هدايت ڪئي آهي ته قانون ۽ لاڳاپيل قاعدن مطابق ٽن هفتن ۾ فيصلو ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي خميس تي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دروان چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت صرف قانون ۽ قاعدن کي ڏسندي ۽ قانون ۾ نرمي جو اختيار عدالت وٽ نه آهي. شاگردن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي عدالتن مان حاصل ڪيل منع نامي جي بنياد تي داخلا ڏين جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪن وارن شاگردن کي به داخلا ڏني وڃي. ان تي چيف جسٽس سوال اٿاريو ته گهٽ مارڪن وارن شاگردن کي ڪيئن داخلا ملندي. وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ به سنڌ ۾ بي ڊي ايس پروگرام ۾ شاگردن کي داخلا ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته پي ايم ڊي سي جي وڪيل جهانگير جدون موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل ميڊيل ڪاليجن هاءِ ڪورٽن مان منع نامو ورتو آهي ۽ ڪيترائي مسئلا سنڌ مان سامهون اچي رهيا آهن. پي ايم ڊي سي جي وڪيل ٻڌايو ته ڪائونسل وٽ قاعدن ۾ نرمي جو اختيار موجود آهي ۽ عدالت چاهي ته معاملو پي ايم ڊي سي کي موڪلي سگهي ٿي. ان تي عدالت هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي شاگردن جي ڪيسن جو قانون موجب جائزو وٺي. چيف جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته شاگرد جيڪڏهن چاهين ته لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليجن خلاف ڏنڊ جي دعويٰ به ڪري سگهن ٿا. بعد ۾ عدالت ڪيس بابت وڌيڪ ٻڌڻي 13 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











