واشنگٽن – 16 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي سڌارن واري پروگرام تي اثرائتي عمل سبب معاشي استحڪام برقرار رکڻ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. هن اها ڳالهه عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سال 2026ع جي بهار جي مند جي اجلاس جي موقعي تي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ملاقات دوران ڪئي. …
پاڪستان ۾ سڌارن واري پروگرام تي موثر عمل سبب معاشي استحڪام برقرار رکڻ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي: آءِ ايم ايف

مزید خبریں
واشنگٽن – 16 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي سڌارن واري پروگرام تي اثرائتي عمل سبب معاشي استحڪام برقرار رکڻ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. هن اها ڳالهه عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سال 2026ع جي بهار جي مند جي اجلاس جي موقعي تي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ملاقات دوران ڪئي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان جي معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو. مينيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان طرفان سڌارن جي پروگرام تي موثر عمل سبب معاشي استحڪام برقرار رکڻ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو آيو آهي.معاشي طور مضبوط پاڪستان سان گڏوگڏ اسٽرڪچرل سڌارن جو تسلسل معاشي ترقي کي برقرار رکڻ ۽ عوامي ڀلائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم هوندو.











