ملڪ ۾ غذائي شين جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي ، آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد _16 اپريل (اي پي پي ) ملڪ ۾ غذائي شين جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي جڏهن ته آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ غذائي شين جي روانگي واپار مان ملڪ کي 3.801 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان مدي جي 5.750 ارب ڊالرن …

اسلام آباد _16 اپريل (اي پي پي ) ملڪ ۾ غذائي شين جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي جڏهن ته آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ غذائي شين جي روانگي واپار مان ملڪ کي 3.801 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان مدي جي 5.750 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي . انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ غذائي شين جي آمدني واپار تي 7.091 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 6.154 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مارچ ۾ غذائي شين جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 680 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري جي 908 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو گهٽ آهي ۽ گذريل سال مارچ جي 741 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو گهٽ آهي.

مزید خبریں