بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت طرفان عوام کي سولر سسٽم ڏيڻ جي تقريب منعقد

لاڙڪاڻو _16 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت طرفان جناح باغ لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ سولر سسٽم ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي سهيل انور سيال، حزب الله ٻگهيو ۽ لاڙڪاڻي جو ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر خاص مهمان طور شريڪ ٿيا. ڊسٽرڪٽ چيئرمين …

لاڙڪاڻو _16 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت طرفان جناح باغ لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ سولر سسٽم ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي سهيل انور سيال، حزب الله ٻگهيو ۽ لاڙڪاڻي جو ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر خاص مهمان طور شريڪ ٿيا. ڊسٽرڪٽ چيئرمين ڪائونسل اعجاز احمد لغاري، ڪامران اوڍاڻو، شير محمد لغاري، اظهر علي ڀٽو سميت ٽائون چيئرمين، يونين ڪميٽين جي چيئرمينز ۽ صدرن، سٽي ڊسٽرڪٽ جي عهديدارن، پارٽي ذميوارن، ڪارڪنن، شهرين ۽ فائدو حاصل ڪندڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور مطابق شهرين کي مفت توانائي فراهم ڪرڻ جو وعدو پورو ڪرڻ تي عمل ڪندي سولر سسٽم فراهم ڪيو پيو وڃي.