لاڙڪاڻو _ 16 اپريل (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھار، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس …
حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن: علي اڪبر جاگيراڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 16 اپريل (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھار، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ ملازمن جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ کلي ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جن به ملازمن جون رهتون خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ پينشن رهيل آهن انهن کي وقت سر ادائگيون ڪيون وڃن ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ملازمن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي جن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن ۽ جن کي ادائگيون نه ٿيون آهن انهن بابت پڻ ٻڌايو وڃي.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو ضمير حسين کوکر ڳالهائيندي چيو ته سڀني ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي پئي وڃي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملازمن جا گھربل ڪاغذات پورا هجڻ گھرجن ۽ قانوني گهرجون پوريون هجڻ گھرجن.کلي ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو آفيس جي عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته جن ماڻهن جا ڪيس خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون رهيل آهن اهي اڪلايون وڃن. هن اهو پڻ چيو ته جن به ملازمن جون پينشن ۽ ٻيا بقاياجات رهيل آهن اهي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي اجازت کانپوءِ انهن جي ادائيگي ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ پگھارن جي ڊفرنس بل جي ادائيگيءَ لاءِ لاڳاپيل اداري جي اجازت لازمي آهي.کلي ڪچهريءَ ۾ تقريبن 15 شڪايتون وصول ٿيون جن کي وقت سر اڪلايو ويو. درخواستگذارن ۾ مسمات رخسانه، مسمات کيران، مسمات سردار خاتون، فياض علي منڱريو، عرفان علي بلوچ ۽ ٻيا پڻ شامل هئا، جيڪي پوليس، ايريگيشن ۽ ٻين سرڪاري کاتن سان واسطور رکندڙ هئا. کلي ڪچهريءَ ۾ اڪائونٽنٽ حامد علي ابڙو، شعيب علي، عرفان علي عمراڻي ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.











