ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي سان گڏجي ڳيريلو ٽائون جو سرڪاري دورو

لاڙڪاڻو _ 16 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي عاشق جتوئي سان گڏجي ڳيريلو ٽائون جو سرڪاري دورو ۽ شهري سهولتن، صفائي جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.ڳيريلو پهچڻ تي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين سعيد احمد عباسي، ميونسپل ۽ روينيو عملدارن ڊپٽي ڪمشنر جو استقبال ڪيو. ٽائون چيئرمين شهر جي موجوده صورتحال ۽ ترقياتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر ان موقعي تي ڳيريلو جي …

لاڙڪاڻو _ 16 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي عاشق جتوئي سان گڏجي ڳيريلو ٽائون جو سرڪاري دورو ۽ شهري سهولتن، صفائي جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.ڳيريلو پهچڻ تي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين سعيد احمد عباسي، ميونسپل ۽ روينيو عملدارن ڊپٽي ڪمشنر جو استقبال ڪيو. ٽائون چيئرمين شهر جي موجوده صورتحال ۽ ترقياتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر ان موقعي تي ڳيريلو جي مختلف بازارن ۽ گهٽين جو معائنو ڪيو ۽ صفائي جي صورتحال سان گڏوگڏ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن دڪاندارن، صحافين ۽ رهواسين سان ملاقات ڪري شهري مسئلن بابت سڌيءَ ريت راءِ ورتي.ڊي سي لاڙڪاڻو اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي ۽ ٽائون چيئرمين کي هدايت ڪئي ته بازارن ۽ مکيه ڪمرشل علائقن مان غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل جامعه منصوبو جوڙيو وڃي. هن چيو ته عوامي سهولت ۽ ٽريفڪ جي رواني لاءِ گذرگاهن کي صاف رکڻ ضروري آهي.ڊپٽي ڪمشنر عملدارن کي شهر ۾ عوامي پارڪ جي تعمير لاءِ مناسب جڳهه جي نشاندهي ڪري منصوبو تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته تفريحي سهولتون، خاص طور تي ٻارن ۽ خاندانن جي ڀلائي لاءِ اهم آهن.ان کانسواءِ هن ٽائون انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڳيريلو ٽائون لاءِ تفصيلي ترقياتي منصوبو پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ سيوريج سسٽم جي اپگريڊيشن ۽ گهٽين جي انفراسٽرڪچر جي بهتري کي اوليت ڏني وڃي.هن زور ڀريو ته بهتر نيڪال ۽ پڪيون گهٽيون شهرين جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ اھم آهن.ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ٽائون ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ڳيريلو جي ترقي لاءِ ضلعي انتظاميا پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ضلعي جي سڀني شهرن ۾ ميونسپل سهولتن جي بهتري لاءِ پرعزم آهي.