پشاور-16 اپريل(اي پي پي)خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم خان ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ غذائي کوٽ جو شڪار عورتن ۽ ٻارن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مرڪزن ۾ اضافو تمام گهڻو ضروري آهي ته جيئن مستحق ماڻهن کي انهن جي گهرن جي دروازي تي بنيادي سهولتون ملي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ مرف فائونڊيشن جي سينرئر پروگرام مينيجر نياز …
غذائي کوٽ جو شڪار عورتن ۽ ٻارن جي مدد لاءِ بينظير نشو نما پروگرام جي مرڪزن ۾ اضافو ضروري آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور-16 اپريل(اي پي پي)خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم خان ڪنڊي چيو آهي ته صوبي ۾ غذائي کوٽ جو شڪار عورتن ۽ ٻارن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مرڪزن ۾ اضافو تمام گهڻو ضروري آهي ته جيئن مستحق ماڻهن کي انهن جي گهرن جي دروازي تي بنيادي سهولتون ملي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ مرف فائونڊيشن جي سينرئر پروگرام مينيجر نياز احمد ۽ ايڇ آر آفيسر حمايت الله سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سرگرمين، اهميت، اثرن ۽ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ جاري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گورنر پروگرام ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت صوبي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر بڻائڻ لاءِ اهو هڪ اهم پروگرام آهي. موجوده مرڪزن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريندي هن چيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ ان قسم جي پروگرامن کي وڌايو ويندو. هن مرف فائونڊيشن (ايم اي آر ايف) پاران صحت ۽ غذائيت جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي.











