وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ترڪيه ۾ اسڪول تي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار

جده -16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ اسڪول تي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته کيس ڪهرامان ماراش ۾ اسڪول تي حملي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن ڏک جي هن گهڙي ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، برادر …

جده -16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ اسڪول تي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته کيس ڪهرامان ماراش ۾ اسڪول تي حملي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن ڏک جي هن گهڙي ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، برادر ترڪ عوام، خاص طور تي متاثر خاندانن ۽ ٻارڙن سان يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان معصوم ننڍڙين جانين جي نقصان تي سوڳوار آهيون ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاگو آهيون. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.

مزید خبریں