اسلام آباد - 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ پاڻي وسيلن جي انتظام بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڻي جي دستيابي، گورننس ۽ پاڪستان جي پاڻي سلامتي تي اثرانداز ٿيندڙ علائقائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. صدر ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري پاڻي کي بطور هٿيار استعمال …
صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ پاڻي وسيلن جي انتظام بابت اهم اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ پاڻي وسيلن جي انتظام بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڻي جي دستيابي، گورننس ۽ پاڪستان جي پاڻي سلامتي تي اثرانداز ٿيندڙ علائقائي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. صدر ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڻي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ سنگين معاملو آهي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي پاڻي حقن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته سمورا ضروري سفارتي ۽ قانوني قدم استعمال ۾ آندا وڃن. علائقائي صورتحال جي ڪري توانائي جي بحران جي ڏس ۾ صدر هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. هن زور ڏنو ته جيڪڏهن لوڊ مئنيجمينٽ لازمي هجي ته ان کي مڪمل شفافيت سان ۽ اڳواٽ اعلانن موجب ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي وقت سر آگاهي حاصل هجي ۽ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي. صدر آصف علي زرداري سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ جا قدم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن گهريلو، واپاري ۽ صنعتي سطح تي برسات جي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ (رين واٽر هارويسٽنگ) جي منصوبن جي فوري لاڳو تي زور ڏنو ته جڏهن ننڍي ڊيمز، ريچارج ويلز ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ٻين منصوبن جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته موجوده علائقائي حالتن ۾ پاڻي جو تحفظ قومي ضرورت بڻجي چڪو آهي. اجلاس ۾ وسيع تر علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته خطي ۾ استحڪام لازمي آهي ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تعميري شموليت ۽ مسلسل ڪوششن سان ايران جي حوالي سان اڀرندڙ صورتحال ۾ هڪ قابل عمل رستو ڪڍي سگهبو. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر شيري رحمان، پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري، واپڊا چيئرمين ۽ انڊس واٽر بابت پاڪستان ڪمشنر شرڪت ڪئي.











