واشنگٽن-15 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ سبب عالمي مالياتي استحڪام کي سنگين خطرا درپيش ٿي ويا آهن ۽ تڪرار ڊگها هئڻ تي مالياتي مارڪيٽن ۾ عدم استحڪام، مهانگائيءَ ۾ واڌ ۽ سرمائي جي ڪڍڻ جهڙا مسئلا شدت اختيار ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه آءِ ايم ايف ۽ـ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آءِ ايم ايف …
وچ اوڀر ۾ جنگ سبب عالمي مالياتي استحڪام کي سنگين خطرا درپيش ٿي ويا آهن: آءِ ايم ايف جي رپورٽ

مزید خبریں
واشنگٽن-15 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ سبب عالمي مالياتي استحڪام کي سنگين خطرا درپيش ٿي ويا آهن ۽ تڪرار ڊگها هئڻ تي مالياتي مارڪيٽن ۾ عدم استحڪام، مهانگائيءَ ۾ واڌ ۽ سرمائي جي ڪڍڻ جهڙا مسئلا شدت اختيار ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه آءِ ايم ايف ۽ـ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آءِ ايم ايف طرفان جاري گلوبل فنانشل اسٽيبلٽي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته عالمي مالياتي نظام کي هڪ ئي وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ جنگ جي اثرن، وڌندڙ مهانگائي، سخت مالياتي شرط ۽ مالياتي مارڪيٽن ۾ اوچتو لاها چاڙها شامل آهن، جيتوڻيڪ هاڻ تائين مارڪيٽون نسبتن منظم انداز ۾ ردِعمل ڏئي رهيون آهن، پر خطرن جو توازن ڪاٽو رُخ ۾ جهڪيل آهي ۽ تڪرار جيترو ڊگها هوندا، مالياتي دٻاءُ اوترو ئي وڌڻ جو خدشو آهي. رپورٽ موجب فيبروريءَ کان هاڻ تائين عالمي شيئرن جي قيمت ۾ تقريبن 8 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومتي بانڊز جي منافعي جي شرح ۾ نمايان واڌ ٿي آهي جنهن جو بنيادي ڪارڻ مهانگائي وڌڻ جا خدشا آهن. خاص طور تي اُڀرندڙ معيشتن جي مالياتي ماريڪٽن تي ان جا اثر وڌيڪ شديد آهن، ڇاڪاڻ ته ڊالر مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ توانائيءَ جون قيمتون وڌي رهيون آهن. ماهرن موجب توانائيءَ جي آمدني واپار ڪندڙ اُسرندڙ ملڪ ان صورتحال کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته انهن جون معيشتون پهرين ئي پرڏيهي دٻاءُ ۽ محدود مالي ذخيرن کي مُڻهن ڏئي رهيون آهن. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو ته اُڀرندڙ معيشتن کي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي سرمائي ڪڍڻ جا خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا. رپورٽ موجب ويجهن سالن ۾ انهن ملڪن ۾ سيڙپڪاري جو وڏو حصو گهٽ مُدي وارن قرضن جي صورت ۾ آيو آهي جيڪو عالمي مالياتي حالتون خراب ٿيڻ تي تيزيءَ سان واپس وڃي سگهن ٿا. رپورٽ موجب جنگ ڊگهي هئڻ تي مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ جاري سيڙپڪاريءَ جي رفتار به سست ٿي سگهي ٿي جنهن سان عالمي ڪاروباري سرگرميون ۽ مالياتي مارڪيٽن تي ڪاٽو اثر پئجي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ حڪومتن ۽ مرڪزي بئنڪن کي مالياتي نظام ۾ ليڪيوڊيٽي ۽ فنڊنگ جي دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ، مهانگائي کي قابو ۾ رکڻ لاءِ محتاط مانيٽري پاليسي اختيار ڪرڻ، سرڪاري قرضن کي مستحڪم سطح تي آڻڻ لاءِ مالي نظم و ضبط برقرار رکڻ، معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ هدفي مالي مدد جي فراهمي ۽ بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جي نگراني ۽ اسٽريس ٽيسٽنگ کي مضبوط بنائڻ جون سفارشون پيش ڪيون ويون آهن. آءِ ايم ايف بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ معاشي صورتحال ۾ ملڪن کي مضبوط پاليسي فريم ورڪ، شفاف حڪمراني ۽ عالمي سهڪار ذريعي مالياتي استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن جي هدايت به ڪئي آهي.











