اسلام آباد کان پهرين حج اُڏام 19 اپريل تي رواني ٿيندي

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان حجاز مقدس لاءِ ’مقدس سفر‘ جي باقائده شروعات 19 اپريل تي ٿيڻ وڃي رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پهرين حج اُڏام حاجين کي کڻي رواني ٿيندي. جيتوڻيڪ سڄي ملڪ جي فلائيٽ آپريشن جو پهريون مرحلو 18 اپريل کان شروع هوندو جڏهن ته اسلام آباد لاءِ آچر 19 اپريل جو ڏينهن …

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان حجاز مقدس لاءِ ’مقدس سفر‘ جي باقائده شروعات 19 اپريل تي ٿيڻ وڃي رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پهرين حج اُڏام حاجين کي کڻي رواني ٿيندي. جيتوڻيڪ سڄي ملڪ جي فلائيٽ آپريشن جو پهريون مرحلو 18 اپريل کان شروع هوندو جڏهن ته اسلام آباد لاءِ آچر 19 اپريل جو ڏينهن انتهائي اهميت رکندڙ آهي جتان هزارين حاجي هڪ منفرد ۽ ڊجيٽل سفري تجربي سان پنهنجي سفر جي شروعات ڪندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب اسلام آباد کان روانو ٿيندڙ پهرئين قافلي کي الوداع چوڻ لاءِ ايئرپورٽ تي هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي ويندي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي ۽ مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري حاجين کي رخصت ڪندو. اها تقريب پاڪ سعودي ڀائيچاري ۽ حاجين لاءِ فراهم ڪيل عالمي معيار جي سهولتن جي عڪاسي ڪري ٿي. هلندڙ سال اسلام آباد کان 129 اُڏامن ذريعي 29900 حاجي ”روٽ ٽو مڪه“ تحت ”ڊبل اميگريشن“ (پاڪستان ۽ سعودي عرب) جي سهولت مان فائدو کڻندا. حاجين جي اميگريشن اسلام آباد ۾ مڪمل هئڻ کانپوءِ جده يا مدينه ايئرپورٽ تي سندن ڪلاڪن جو انتظار ختم ٿي ويندو. سعودي عرب پهچڻ تي بنا ڪنهن لائين جي سڌيءَ ريت بسن تائين پهچندا جڏهن ته سندن سامان هڪ جديد لاجسٽڪ سسٽم تحت سڌيءَ ريت سندن هوٽل جي ڪمرن تائين پهچايو ويندو. سرڪاري اسڪيم تحت مجموعي طور تي هڪ لک 19 هزار حاجين مان اسلام آباد جو حصو نمايان آهي جتان 129 خاص اُڏامون آپريٽ ڪيون وينديون. اهو آپريشن مئي جي وچ ڌاري تائين جاري رهندو، جنهن ۾ پي آءِ اي ۽ سعودي ايئر لائنز سميت ٻيون نجي فضائي ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن.

مزید خبریں