صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي سفير علي شير توختايف جي ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي سفير علي شير توختايف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ازبڪستان جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، جن جو بنياد گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي قائم …

اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي سفير علي شير توختايف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ازبڪستان جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، جن جو بنياد گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهي. هن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ کي ساراهيو ۽ صدر شوڪت مرزيوئيف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام موڪليو. صدر آصف علي زرداري واپار وڌائڻ، منڊين تائين بهتر پهچ ۽ واپاري سهولتڪاري جي طريقيڪار کي جلد فعال بڻائي ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني. صدر ڪنيڪٽيويٽي (رابطن) کي علائقائي معاشي انضمام جي لاءِ مرڪزي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان، گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن جي ذريعي گرم پاڻين تائين مختصر ترين پهچ فراهم ڪري ٿو. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار پڻ ڪيو. صدر گڏيل معاشي هدف ۽ علائقائي رابطا حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ازبڪستان جي سفير شاندار استقبال تي صدر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ازبڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ ازبڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي انضمام ۽ معاشي رابطن جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن خطي ۽ عالمي سطح تي امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي هر اول دستي جي ڪردار جي اعتراف ۾ ازبڪ قيادت پاران تعريفي پيغام پڻ پهچايو. ازبڪستان جي سفير ازبڪستان جي صدر پاران صدر آصف علي زرداري کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ذڪر ڪيو، جنهن تي صدر هدايت ڪئي ته هلندڙ سال جي آخر ۾ سندس دوري جي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن.

مزید خبریں