سينيٽر روبينه خالد جي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سان ملاقات

ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي جي مستحقن لاءِ ادائگين جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ آسان بنائڻ بابت اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ادائگين جي نظام ۾ انٽر آپريبلٽي شامل ڪرڻ جي آپشن تي غور ڪيو ويو ته جيئن مستحق عورتن کي اها …

ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي جي مستحقن لاءِ ادائگين جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ آسان بنائڻ بابت اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ادائگين جي نظام ۾ انٽر آپريبلٽي شامل ڪرڻ جي آپشن تي غور ڪيو ويو ته جيئن مستحق عورتن کي اها سهولت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن هو پنهنجي سهولتن موجب ڪنهن به بئنڪ جي چونڊ ڪري سگهن. اجلاس ۾ مستحقن کي سهولتن جي فراهمي بابت ٻيا اهم معاملا به بحث هيٺ آيا، جن ۾ ادائگين جي نظام کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ پهچ جوڳو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي ٽيم بي آءِ ايس پي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته مستحقن کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ گڏيل قدمن کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ بي آءِ ايس پي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪيش ٽرانسفر محمد ادريس ۽ ڊي جي سنڌ ثناءُ الله رند پڻ موجود هئا.

مزید خبریں