حڪومت سپلائي چين کي مستحڪم بڻائڻ، طلب جي بهتر نظام ۽ هدفي سبسڊيز جهڙا قدم کڻي رهي آهي: محمد اورنگزيب

 اسلام آباد _15 اپريل (اي پي پي) ناڻي  ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب  چيو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت سپلائي چين کي مستحڪم  بڻائڻ ، طلب جي بهتر نظام ۽ هدفي سبسڊيز جهڙا قدم کڻي رهي آهي . هن اها ڳالهه عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار واري مند جي سال 2026ع واري اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس …

 اسلام آباد _15 اپريل (اي پي پي) ناڻي  ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب  چيو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت سپلائي چين کي مستحڪم  بڻائڻ ، طلب جي بهتر نظام ۽ هدفي سبسڊيز جهڙا قدم کڻي رهي آهي . هن اها ڳالهه عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار واري مند جي سال 2026ع واري اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مانجهاندي ۾ ڳالهيون ڪندي چئي. ان موقعي تي هن پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات به ڪئي. ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙ کي معاشي صورتحال ۽ سڌارن جي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو . هن ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي جي ٽين ۽ ريزيلينس اينڊ اسٽين ايبلٽي فيسلٽي جي ٻين جائزي تي اسٽاف ليول معاهدو ڪري ورتو  آهي.آءِ ايم ايف بورڊ کان ان جي منظوري جلد متوقع آهي . ناڻي واري وزير وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي پاڪستان جي معيشت تي اثرن، خاص طورتي توانائي جي فراهمي ، قيمتن ۽ لاجسٽڪس تي پوندڙ دٻاءَ جو به ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته حڪومت ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سپلائي چين کي مستحڪم  بڻائڻ ، طلب  جي بهتر انتظام ۽ هدفي سبسڊيز جهڙا قدم کڻي رهي آهي . ناڻي واري وزير چيو ته ڪراچي بندر گاهه تي ٽرانس شپمنٽ سرگرمين ۾ نمايان اضافو ۽ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ رڪارڊ آمدني به مثبت اڳڀرايون آهن. ناڻي واري وزير ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي ڪوششن تي زور ڀريو ۽ خاص طورتي غير رسمي پيشيور طبقي کي ٽيڪس نظام ۾ آڻڻ لاءِ ايف بي آر جي هدفي آڊٽس ۽ مختلف شعبن سان رابطا وڌائڻ جو ذڪر ڪيو. اجلاس جي آخر ۾ سوالن ۽ جوابن جو سيشن  به ٿيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن جي ايجنڊا ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں