واپار واري وفاقي وزير سان اٽلي ۽ ڊينماڪ جي سفيرن جون ملاقاتون

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اٽلي جي سفير مارلينا آرملين ۽ ڊينمارڪ جي سفير ماجامور ٽينسن ملاقاتون ڪيون جنهن دوران ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير پاڪستان جي ذميدار عالمي ڀائيوار جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ دوران ڳالهين ۽ …

اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اٽلي جي سفير مارلينا آرملين ۽ ڊينمارڪ جي سفير ماجامور ٽينسن ملاقاتون ڪيون جنهن دوران ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير پاڪستان جي ذميدار عالمي ڀائيوار جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ دوران ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ سرگرم ڪردار اد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تازي عالمي صورتحال خاص ڪري اهم سامونڊي گذرگاهن جهڙوڪ آبناءِ هرمز ۾ رڪاوٽن عالمي سپلاءِ چين کي متاثر ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ توانائي، خوراڪ، دوائن ۽ صنعتي ڪچي مال جي اچ وڃ متاثر ٿي آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي قدرتي وسيلن ۽ جاگرافيائي اهميت ان کي وڏي معاشي قوت بڻجڻ جي صلاحيت بخشي ٿي. هن چيو ته في ڪس آمدنيءَ ۾ بهتريءَ سان پاڪستان هڪ اهم آمدني واپار ۽ صارف مارڪيٽ طور اُڀري سگهي ٿو جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع موقعا پيدا ٿيندا. اطالوي ۽ ٽينش سفيرن به انهن امڪانن کي تسليم ڪندي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ نيشنل ٽيرف پاليسيءَ تحت جاري سڌارن جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهيون ٿيون جنهن جو مقصد پنج سالن ۾ ترتيبوار ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ چٽاڀيٽي وڌائڻ آهي. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻيا ملڪ خدشاتي پاليسين تحت ٽيرف وڌائي رهيا آهن. ڊيري سيڪٽر جي ترقيءَ تي به ڳالهيون ٿيون جتي ڊئنمارڪ طرفان ويسٽ مئنجمينٽ ۽ـ ويليو ايڊڊ شين جهڙوڪ پروٽين ڊرنڪس ۽ بارز جي تياريءَ جا منصوبا پيش ڪيا ويا. واپار واري وزير ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سيڙپڪاريءَ جي اهميت تي زور ڀريندي ان شعبي کي جديد بنائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. سفيرن فارما سيوٽيڪل شعبي ۾ ڄاڻايل ترميمن تي خدشن جو اظهار ڪيو جنهن تي واپار واري واري خاطري ڪرائي ته پاڪستان عالمي معيار موجب آءِ پي قانونن جو تحفظ يقيني بڻايئدنو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد برقرار رکيو ويندو. هن لائيو اسٽاڪ ۽ گوشت جي شعبن ۾ وڌندڙ روانگي واپار جي طلب جو ذڪر ڪندي چيو ته معيار بهتر بڻائي ۽ رسمي شعبي کي مضبوط ڪري انهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو.

مزید خبریں