اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ 3500 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 3462 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3500 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سونو 5 لک 3462 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3500 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ 3500 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 3462 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3500 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سونو 5 لک 3462 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3001 رپين جي واڌ کان پوءِ 428636 رپين مان وڌي 431637 رپيا ٿي وئي ۽ـ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 392930 رپين مان وڌي 395681 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 144 رپين جي واڌ کانپوءِ 8404 ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 124 رپين جي واڌ کانپوءِ 7205 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4776 ڊالرن مان وڌي 4811 ڊالر ٿي وئي.











