اسلام آباد _15 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ٽريڊنگ دوران مارڪيٽ ۾ 4000 کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو جنهن بعد ڪي ايس اي - 100 انڊيڪس 1،69،561 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ تيزي بينڪنگ، توانائي ۽ سيمينٽ …
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي، 4000 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد _15 اپريل (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ٽريڊنگ دوران مارڪيٽ ۾ 4000 کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو جنهن بعد ڪي ايس اي – 100 انڊيڪس 1،69،561 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ تيزي بينڪنگ، توانائي ۽ سيمينٽ جي شعبن ۾ ڀرپور خريداري سبب ڏسڻ ۾ آئي . ياد رهي ته گذريل ڏينهن به مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان برقر رهيو هو جتي 100 انڊيڪس 5،043 پوائنٽس جي اضافي سان 1،65،634 پوائنٽس تي بند ٿيو هو . مسلسل ٻي ڏينهن جي ان زبردست ڪارڪردگي مارڪيٽ کي نئين بلندين ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي.











