وزيراعظم پاران 2017ع کان 2022ع دوران اوور انوائسنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2017ع کان 2022ع دوران اوور انوائسنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل ادارن جي مسلسل ڪوتاهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ اوور انوائسنگ جي حوالي سان جوڙيل …

اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2017ع کان 2022ع دوران اوور انوائسنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل ادارن جي مسلسل ڪوتاهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ اوور انوائسنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 2017ع کان 2022ع دوران اوور انوائسنگ جو مڪروهه ڌنڌ هلندو رهيو ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجي فرضن کان مسلسل غافل رهيا. هن هدايت ڪئي ته ان ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مشتاق سکيرا جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي جي رپورٽ جي توثيق ڪندي ڪوتاهي ڪندڙ ماڻهن جو تعين ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس جو پئسو قوم جي امانت آهي، ان جي حفاظت اسان جو فرض ۽ هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏيڻ ذميواري آهي. هن اهڙن واقعن کي مستقبل ۾ روڪڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) کي هڪ فعال ادارو بڻائڻ ۽ ان ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جا نمائندا شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر سينٽرلائيز پرائيس ويريفڪيشن پورٽل ٺاهيو آهي، جون جي آخر تائين اهو پورٽل بئنڪن سان ڳنڍجي ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رپورٽ موجب ايف بي آر جي پوسٽ ڪليئرنگ آڊٽ ونگ آڪٽوبر 2022ع ۾ ان اوور انوائسنگ ڌنڌي جي نشاندهي ڪئي. ان دوران ملوث ماڻهن جي خلاف 13 ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

مزید خبریں