نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ٽيليفون، اسلام آباد ڳالهه ٻولهه منعقد ڪرڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ٽيليفون ڪال  آئي. سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ڳالهه ٻولهه منعقد ڪرڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انتونيو گوتريس …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ٽيليفون ڪال  آئي. سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ڳالهه ٻولهه منعقد ڪرڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انتونيو گوتريس ان ڏس ۾ پاڪستان جي جاري ڪوششن جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں