نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير، مصر جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل جي ملاقات

اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير سفير موسى ڪولاڪلي ڪايا، مصر جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير سفير ناظح اگنگاري ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل شهزاده ڊاڪٽر عبدالله بن خالد بن سعود الڪبير السعود ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چئني ڀائر ملڪن جي …

اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير سفير موسى ڪولاڪلي ڪايا، مصر جي اسسٽنٽ پرڏيهي وزير سفير ناظح اگنگاري ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل شهزاده ڊاڪٽر عبدالله بن خالد بن سعود الڪبير السعود ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چئني ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ويجهي، ڀائراڻي لاڳاپن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي هڪجهڙائي کي ساراهيو. هن چئني ملڪن جي وچ ۾ امن، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي جي گڏيل هدفن تي ڌيان ڏيندي هڪ تعاون تي ٻڌل فريم ورڪ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٽنهي ملڪن جا اعلى سفارتڪار اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ چئني ملڪن (پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر) جي پهرين سينئر آفيشلز اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهن.

مزید خبریں