پاور ڊويزن جي ترجمان پاران ملڪ جي ڏکڻ ۾ پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي جي حوالي سان وضاحتي بيان

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ ۾ سستي پاور جنريشن جي موجودگي ۽ ان جي حيسڪو (حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني) ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي فراهمي سبب انهن ٻنهي بجلي ورڇيندڙ ڪمپينن ۾ سوا 2 ڪلاڪ جي پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي جي تحت لوڊ مئنيجمنٽ نه ڪئي پئي وڃي. پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي جي حوالي سان جاري وضاحتي بيان ۾ …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ جي ڏکڻ ۾ سستي پاور جنريشن جي موجودگي ۽ ان جي حيسڪو (حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني) ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي فراهمي سبب انهن ٻنهي بجلي ورڇيندڙ ڪمپينن ۾ سوا 2 ڪلاڪ جي پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي جي تحت لوڊ مئنيجمنٽ نه ڪئي پئي وڃي. پيڪ آورز رليف اسٽريٽجي جي حوالي سان جاري وضاحتي بيان ۾ ترجمان چيو ته ان جو بنيادي سبب فرنس آئل سان هلندڙ پلائنٽس تي انهن ٻنهي ورڇيندڙ ڪمپينن تي ڪو اثر نه پوڻ ۽ ملڪ جي ڏکڻ ۾ فرنس آئل کانسواءِ ٻين ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي فراهمي جو وافر مقدار ۾ موجود هجڻ آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۾ اها بجلي صرف انهن ٻنهي ورڇيندڙ ڪمپنين کي ئي مهيا هوندي آهي ته ان سلسلي ۾ صارفين کي ڪنهن تڪليف ۾ نه وڌو وڃي. 

مزید خبریں