اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومانيا جي پرڏيهي وزير اوآنا سلويه توئيو ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير اوآنا سلويه توئيو اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪاري ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ رومانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ تعاون کي وڌيڪ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومانيا جي پرڏيهي وزير اوآنا سلويه توئيو جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومانيا جي پرڏيهي وزير اوآنا سلويه توئيو ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير اوآنا سلويه توئيو اسلام آباد ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪاري ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ رومانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي اتفاق ڪيو.











