اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايران آمريڪا ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري عالمي برادري ۾ هڪ ذميوار ۽ اهم رياست جي طور تي پنهنجي پوزيشن جي توثيق ڪئي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا تي پنهنجي امن پسند ساک ثابت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر …
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات، ايران آمريڪا ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن جي ساراهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايران آمريڪا ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري عالمي برادري ۾ هڪ ذميوار ۽ اهم رياست جي طور تي پنهنجي پوزيشن جي توثيق ڪئي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا تي پنهنجي امن پسند ساک ثابت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٿيندڙ ملاقات ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ميزباني جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. صدر خطي جي موجوده سيڪيورٽي ۽ سفارتي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته ان صورتحال جا اثر نه رڳو خطي پر مجموعي طور تي عالمي سيڪيورٽي، معيشت ۽ سياست تي پوندا. ملاقات دوران وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي سمورن رخن تي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه جي مختلف مرحلن ۽ پاڪستان جي ثالثي جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن صدر کي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ايندڙ سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري ان سفارتي قدم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ سمورن رياستي ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سمورين ڌرين جي وچ ۾ مثالي هم آهنگي ان اعلى سطحي رابطي کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿي. صدر عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ان تاريخي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري پاڪستان عالمي برادري ۾ هڪ ذميوار ۽ اهم رياست جي طور تي پنهنجي پوزيشن جي توثيق ڪئي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا تي پنهنجي امن پسند ساک ثابت ڪري ڇڏي آهي. صدر چيو ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم کي آمريڪا ۽ ايران سان گڏوگڏ وڏي علائقائي ۽ عالمي طاقتن سان فعال طور تي رابطي ۾ رهڻ گهرجي ته جيئن امن جي عمل جي تسلسل ۽ علائقائي هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير سينيٽر راڻا ثناءُ الله شرڪت ڪئي جڏهن ته صدر جي مدد اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ڪئي.











