اسلام آباد - 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه، بهتر طرز حڪمراني، بهتر رابطن ۽ موثر آبي نظم ۽ ضبط جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جي استحڪام ۽ ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳيان نٿو وڌي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ بلوچستان بابت 19هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي …
بلوچستان جي استحڪام ۽ ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳيان نٿو وڌي سگهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه، بهتر طرز حڪمراني، بهتر رابطن ۽ موثر آبي نظم ۽ ضبط جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جي استحڪام ۽ ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳيان نٿو وڌي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ بلوچستان بابت 19هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي، اڳوڻي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، بلوچستان جي سينيئر سياسي اڳواڻ سردار يار محمد رند ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. پاڪ فوج جي 12هين ڪور جي ڪمانڊر سگنلز برگيڊيئر بلال غفور تقريب جي ڪارروائي هلائي. صدر چيو ته صوبي ۾ ڪم جي قابل ماحول جو پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ماڻهو روزگار جي موقعن جي ڳولا ۾ لڏپلاڻ تي مجبور نه ٿين. هن چيو ته بلوچستان معدني وسيلن سان مالامال آهي پر ان کي گهٽ مدي واري قدمن بدران ڊگهي مدي واري ترقياتي منصوبن جي ضرورت آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ سنڌو درياءَ تي ڪيترين ئي پلين جي تعمير سان بلوچستان کي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍڻ ۾ رابطا بهتر ٿيا آهن. صدر پاڻي کي هڪ اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ته واهن جي لائننگ جي منصوبن تي عمل ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي جي زيان کي گهٽ ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڻي جو تحفظ زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ لازمي آهي. هن پاڻي تحفظ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي چيو ته بلوچستان جي آبپاشي ضرورتن جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري گوادر بندرگاهه جي حوالي سان چيو ته سندس ويزن آهي ته بندرگاهه جي ترقي جا ثمر مقامي قبيلن ۽ برادرين تائين پهچن خاص طور تي انهن ماڻهن تائين جيڪي گوادر ويندڙ رستن جي ڀرپاسي آباد آهن. هن چيو ته اها بندرگاهه هڪ وڏو معاشي مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪن. صدر صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ اتحاد ۽ اندروني احتساب جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ جمهوري عمل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اختلافن کي مشاورت ۽ تعاون جي ذريعي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته بلوچستان جي عوام کي چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت پيدا ٿيندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي جنهن کي هن مستقبل جو هڪ واپاري رستو قرار ڏنو جيڪو صوبي کي علائقائي ۽ عالمي منڊين سان ڳنڍي ٿو. صدر چيو ته بلوچستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ وسيلن جي بهتر استعمال، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول، نوجوانن جي ترقي، زراعت جي جدت ۽ ننڍي زميندارن جي معاونت جي لاءِ هدفي سبسڊيز ۽ جديد زرعي مشينري جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن سيڪيورٽي چئلينجز کي ذميواراڻي انداز ۾ منهن ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته غيرملڪي شهرين خاص طور تي چيني استادن ۽ ڪارڪنن تي حملا افسوسناڪ ۽ پاڪستان جي مفادن جي لاءِ نقصانڪار آهن. صدر وڳوڙن جي خاتمي جي لاءِ قومي يڪجهتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي ضرورت کي پڻ ورجايو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان علائقائي حصيدارن سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن بلوچستان ۽ سنڌ جي بندرگاهن جي قومي معيشت ۾ اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن سان ٻين صوبن کي پڻ سامونڊي واپار تائين پهچ جي ذريعي فائدو ٿي رهيو آهي. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي يڪجهتي ۽ ترقي بلوچستان جي استحڪام سان واڳيل آهي ۽ حڪومت صوبي جي ترقي ۽ قومي ڌارا ۾ شموليت جي لاءِ وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪندي رهندي. ان کان اڳ ڪمانڊر سگنلز 12 ڪور برگيڊيئر بلال غفور نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جا مقصد بيان ڪندي چيو ته هي ورڪشاپ بلوچستان حڪومت جو هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي جيڪو 12 ڪور هيڊڪوارٽرز ڪوئيٽا جي حصيداري سان منعقد ڪيو ويو جنهن جو مقصد قومي هم آهنگي ۽ صوبي ۽ ان جي عوام سان لاڳاپيل معاملن تي تعميري ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ورڪشاپ ۾ اسيمبلي ميمبرن، صحافين، پاليسي سازن، تعليمي ماهرن ۽ نوجوان قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ سان قومي يڪجهتي کي فروغ ملي ٿي. بلوچستان 19هين نيشنل ورڪشاپ ۾ ميڊيا سميت مختلف ادارن مان 93 ماڻهو شريڪ ٿيا جن جو تعلق بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف صوبن سان آهي. هن چيو ته شرڪت ڪندڙن مان 60 سيڪڙو جو تعلق بلوچستان جڏهن ته 40 سيڪڙو جو تعلق پاڪستان جي ٻين علائقن سان آهي. صدر ان موقعي تي نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن جي بلوچستان سميت مختلف قومي معاملن بابت سوالن جا جواب پڻ ڏنا.











