سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي خريداري جو جائزو وٺڻ بابت اهم اجلاس

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) ڪڻڪ جي خريداري جو جائزو وٺندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشاهدو ڪيو ته 973900 ميٽرڪ ٽن جي خريداري واري هدف جي ڀيٽ ۾ هيستائين سڄي صوبي ۾ 1061.600 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن ننڍن آبادگارن جي مدد تي ڌيان ڏنو …

ڪراچي- 14 اپريل (اي پي پي) ڪڻڪ جي خريداري جو جائزو وٺندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مشاهدو ڪيو ته 973900 ميٽرڪ ٽن جي خريداري واري هدف جي ڀيٽ ۾ هيستائين سڄي صوبي ۾ 1061.600 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن ننڍن آبادگارن جي مدد تي ڌيان ڏنو وڃي جن کي ڊي اي پي فرٽيلائيزر ۽ يوريا جهڙن اهم زرعي اِن پُٽس تي سبسڊي ملي آهي ۽ هڪ وسيع مهم ذريعي هدف حاصل ڪيو وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، مڪيش چاولا، مخدوم محبوب الزمان، سردار محمد بخش خان مهر، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري خوراڪ غلام عباس نائچ ۽ سنڌ بئنڪ جي سي اي او اسد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته صوبائي ڪابينا موجوده فصل لاءِ 3500 رپيا في 40 ڪلو جي امدادي قيمت تي 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر ڪيو آهي. پاليسي موجب خريداري صرف انهن آبادگارن کان ڪئي پئي وڃي جن ”سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام“ مان فائدو ورتو آهي، جنهن تحت رعايتي ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو ويو هو. مراد علي شاهه خريداري جي عمل ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي تي زور ڏنو ۽ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته آپريشن کي سڌو ڪيو وڃي ۽ هارين کي وقت سر ادائگي يقيني بڻائي وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي هاري پنهنجي بارداني (ٻوريون) استعمال ڪري رهيا آهن انهن کي منظور ٿيل شرح موجب معاوضو ڏنو وڃي ته جيئن انهن جي شموليت جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب ڪڻڪ جي خريداري بابت ضلعي وار تفصيلي اپڊيٽ ڏني، جنهن ۾ مجموعي هدف جي ڀيٽ ۾ خريداري جي سست رفتاري جي نشاندهي ڪئي وئي. هن، وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته 973900 ميٽرڪ ٽن جي خريداري واري هدف جي ڀيٽ ۾ صرف 1061.600 ميٽرڪ ٽن خريداري ڪئي وئي آهي ۽ خريداري جي عمل کي تيز ڪيو ويو آهي. ضلعي وار انگن اکرن موجب ڄامشورو جي ڪارڪردگي نسبتاً بهتر رهي جتي 23150 ميٽرڪ ٽن جي هدف جي ڀيٽ ۾ 450 ميٽرڪ ٽن خريداري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ عمرڪوٽ (122.60 MT)، بدين (74.40 MT)، سانگهڙ (63.10 MT) ۽ ميرپورخاص (45.50 MT) آهن. ٿٽي (34 MT)، ٽنڊو محمد خان (35 MT)، حيدرآباد (28 MT) ۽ نوشهرو فيروز (34 MT) مان معمولي خريداري جي رپورٽ ڪئي وئي. صورتحال جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور تي خريداري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته موجوده رفتار اطمينان بخش ناهي. سمورن ضلعن کي پنهنجي خريداري واري ميڪانيزم کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي ۽ يقيني بڻائڻ گهرجي ته هدف بنا ڪنهن دير جي پورا ڪيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ضلعن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ اتي سخت مانيٽرنگ ۽ احتساب جا قدم کنيا وڃن. هن زور ڏنو ته اسان ضلعي سطح تي نا اهلي کي پوري خريداري واري حڪمت عملي کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. اجلاس کي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجوده قيمتن بابت به بريفنگ ڏني وئي، جيڪا سڄي صوبي ۾ خريداري جي رجحانن تي اثرانداز ٿي رهي آهي. پيش ڪيل انگن اکرن موجب ڪڻڪ جي قيمت في 40 ڪلو ڪراچي ۾ اٽڪل 3400 رپيا جڏهن ته حيدرآباد ۽ سکر ۾ 3340 رپيا رهي. صورتحال جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي وڃي ۽ ڪڻڪ جي غير قانوني چرپر ۽ ذخيرو اندوزي کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ مقابلي واري خريداري واري نظام کي يقيني بڻائڻ وارن هدفن جي حوصله افزائي ۽ هارين توڙي واهپيدارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. مراد علي شاهه آفيسرن کي هارين، خاص طور تي ننڍن آبادگارن تائين پهچ وڌائڻ ۽ خريداري ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ڪنهن به آپريشنل مسئلي کي حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن ورجايو ته خريداري جو هدف حاصل ڪرڻ نه صرف هارين جي مدد لاءِ پر سڄي سنڌ ۾ خوراڪ جي تحفظ ۽ قيمتن جي استحڪام لاءِ به ضروري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪڻڪ جي مارڪيٽن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ صوبي ۾ اسٽاڪ جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي منتقلي جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ انهن غير قانوني عملن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي حڪومتي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿا. پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وڏي وزير چيو ته زراعت هڪ اولين ترجيحي شعبو آهي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائڻ سان گڏ هارين جي مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. مخدوم محبوب اجلاس کي ٻڌايو ته خريداري جو عمل جاري آهي ۽ هارين تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ مقرر هدف حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.