پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ لاءِ پاڪستان مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن کان معاونت وٺڻ جي امڪانن تي غور ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ لاءِ پاڪستان مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن کان معاونت وٺڻ جي امڪانن تي غور ڪري رهيو آهي، پاڪستان پهريون ڀيرو پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي پڻ تياري ڪري رهيو آهي، عالمي مالياتي فنڊ جو بورڊ هن مهيني جي آخر …

اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ لاءِ پاڪستان مختلف ملڪن ۽ مالياتي ادارن کان معاونت وٺڻ جي امڪانن تي غور ڪري رهيو آهي، پاڪستان پهريون ڀيرو پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي پڻ تياري ڪري رهيو آهي، عالمي مالياتي فنڊ جو بورڊ هن مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعات تائين پاڪستان لاءِ قرض جي نئين قسط جي منظوري ڏئي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي واشنگٽن ۾ بلومبرگ ۽ برطانوي خابرو اداري رائٽرز کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته جيڪو به مالي خال ڀرڻو هوندو اهو مختلف ذريعن سان پورو ڪيو ويندو، جن ۾ ڪمرشل قرض ۽ ٻه طرفي مالي معاونت شامل آهي، اسان سمورن آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته فيبروريءَ جي آخر ۾ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان پهرين پاڪستان جي مالي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرا مضبوط هئا، پاڪستان قرضن جي ادائگيءَ جي صلاحيت جي حوالي سان پُراعتماد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان ادائگي لاءِ پُرعزم آهيون ۽ اهو يقيني بنائينداسين ته ذخيرن کي مناسب سطح تي رکڻ لاءِ ٻيا وسيلا به دستياب هجن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو هلندڙ سال عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسيءَ جو ارادو آهي ۽ چئن سالن جي وقفي کان پوءِ يورو بانڊز جاري ٿيندا، اسان يورو بانڊز، اسلامي سڪوڪ ۽ ڊالر ۾ طئي ٿيل پر رپئي سان ڳنڍيل بانڊز جو ميلاپ استعمال ڪنداسين. حڪومت جلدئي انهن بانڊز لاءِ مئنيجرز جي چونڊ جو عمل شروع ڪندي. هن چيو ته پاڪستان پهريون ڀيرو چيني ڪرنسيءَ ۾ بانڊز (پانڊا بانڊز) جاري ڪرڻ جي پڻ تياري ڪري رهيو آهي، جيڪو ٻي ٽه ماهي ۾ اميد آهي. ان عمل ۾ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ڪريڊٽ سپورٽ فراهم ڪنديون. شروعات 25 ڪروڙ ڊالرن جي هوندي، جيڪو مجموعي هڪ ارب ڊالر جو منصوبو آهي، پاڪستان کي اميد آهي ته عالمي مالياتي فنڊ جلد ئي خاص ڪري ماحولياتي استحڪام جي فنڊ تحت ادائگين ۽ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پروگرام جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيندي، جنهن سان اٽڪل 1.3 ارب ڊالر حاصل ٿيندا. في الحال حڪومت تيل جي قيمتن جي دٻاءُ باوجود ان پروگرام ۾ ڪنهن واڌ يا اڳواٽ ادائگي جي درخواست ڏيڻ جو اِرادو نٿي رکي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي معيشت جي حوالي سان وڏو خطرو محسوس ٿيو ته اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪنداسين، پر هن وقت اهڙو ڪو منصوبو غور هيٺ ناهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجن سمورن قرضن جي ادائگي جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا هن وقت اٽڪل 2.8 مهينن جي آمدني واپار جي برابر آهن. هن چيو ته ان سطح کي برقرار رکڻ ايندڙ وقت ۾ اسان جي مجموعي استحڪام لاءِ نهايت اهم هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جو بورڊ هن مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي شروعات تائين قرض جي نئين قسط جي منظوري ڏئي سگهي ٿو، جنهن سان اٽڪل 1.3 ارب ڊالر حاصل ٿيندا. اها رقم ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيليٽي ۽ ريزِلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيليٽي تحت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي اؤسر، تقريبن 41.5 ارب ڊالرن جي ناڻي واڌ (ريميٽينسز) ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي لاءِ هدفي امداد جهڙا عمل هلندڙ مالي سال ۾ ايران جنگ جي معاشي اثرن کي برداشت ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته تيل ۽ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ کي ٻارڻ ۽ ايل پي جي جا اسٽريٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻا پوندا، صرف ڪمرشل ذخيرن تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي طرف منتقلي تيز ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته سپلاءِ چين ۾ شاڪس واضح پيغام ڏين ٿا ته اسان کي انهن تبديلين کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائڻو پوندو.

مزید خبریں