اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان مارسس گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عدنان سرور چيما ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري حميد اصغر خان گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪ کي هاڪاري عالمي سُڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ …
وفاقي وزير قيصر احمد سان مارسس گروپ جي سي اي او ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان مارسس گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عدنان سرور چيما ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري حميد اصغر خان گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ملڪ کي هاڪاري عالمي سُڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير حڪومت طرفان سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ، پاليسي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آساني وارن قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار ۽ وڌندڙ عالمي موٽ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ عالمي سطح تي اثرائتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ملڪ جي هاڪاري سُڃاڻپ اجاگر ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سيڙپڪاري، اقتصادي ترقي ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائن لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي هڪ نمايان عالمي سيڙپڪاري منزل بنائڻ جي پنهنجي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











