ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ذميدار ۽ هاڪاري صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي: گورنر نهال هاشمي

ڪراچي- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي ۽ ذميدار ۽ هاڪاري صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي. هاڪاري ۽ تعميري صحافت معاشري ۾ شعور ۽ بهتري کي هٿي ڏيندي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت چيئرمين پريس ڪائونسل آف …

ڪراچي- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي ۽ ذميدار ۽ هاڪاري صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي. هاڪاري ۽ تعميري صحافت معاشري ۾ شعور ۽ بهتري کي هٿي ڏيندي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت چيئرمين پريس ڪائونسل آف پاڪستان ارشد خان جدون ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ميڊيا جي هاڪاري ڪردار ۽ معاشرتي بهتري ۾ ان جي اهميت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صحافتي اخلاقيات تي سختي سان عمل، سنسني خيزي کان پاسو ڪرڻ ۽ ذميواراڻي رپورٽنگ اڻٽر آهي. ان موقعي تي چيئرمين پريس ڪائونسل ارشد خان جدون اداري جي خودمختياري ۽ ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو ميڊيا جي معيار جي بهتري لاءِ سرگرم عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوڊ آف ايٿڪس تي عملدرآمد يقيني بنائڻ اسان جي بنيادي ذميداري آهي، جڏهن ته اخبارن ۾ ناڪاري زبان جي تدارڪ ۽ ذميواراڻي اظهار کي زور وٺائڻ لاءِ قدم جاري آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پريس ڪائونسل ۾ سي پي اين اي، پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، بار ڪائونسل ۽ قومي اسيمبلي جي نمائندگي شامل آهي. وفد پريس ڪائونسل کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن کان گورنر کي آگاهه ڪيو، جنهن تي گورنر لاڳاپيل فورمن تي مسئلن جي حل ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ قاضي اسد عابد، فوزيه شاهين، فقير محمد بچل لغاري، عامر لطيف ۽ ٻيا شامل هئا.