نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان جي ملاقات

اسلام آباد 29 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ايران سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، سفارتڪاري ۽ …

اسلام آباد 29 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ايران سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، سفارتڪاري ۽ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں