اسلام آباد - 29 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 200ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو11هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16هزار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 200ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 30 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو11هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 800ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 800ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 200۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1448.65 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخير0.9077 ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1136.35 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.214 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.90 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.061 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











