اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زمين جي تحفظ کي گڏيل ۽ اهم ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته هر ماڻهو ۽ هر برادري کي ماحولياتي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇنڇر ڏينهن ملهاجندڙ ارٿ آور جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته ان ڏينهن جي مناسبت سان رات 8 لڳي 30 منٽن کان 9 لڳي 30 منٽن تائين …
زمين جو تحفظ گڏيل ۽ اهم ذميواري آهي، هر ماڻهو ۽ هر برادري کي ماحولياتي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زمين جي تحفظ کي گڏيل ۽ اهم ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته هر ماڻهو ۽ هر برادري کي ماحولياتي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇنڇر ڏينهن ملهاجندڙ ارٿ آور جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته ان ڏينهن جي مناسبت سان رات 8 لڳي 30 منٽن کان 9 لڳي 30 منٽن تائين بجلي ۽ غير ضروري روشني بند رکن يا گهٽ کان گهٽ استعمال ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ماحولياتي چئلينجز سان ڀرپور هن دور ۾ ارٿ آور ياد ڏياري ٿو ته زمين جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ۽ اهم ذميواري آهي. هلندڙ سال ارٿ آور ”زمين لاءِ هڪ ڪلاڪ وقف ڪريون“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ماحولياتي تحفظ، توانائي جي موثر استعمال ۽ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. ارٿ آور صرف هڪ علامتي اظهار ناهي پر عالمي سطح تي هڪ فڪر جوڳو لمحو آهي جيڪو پائيدار ۽ مضبوط ماحولياتي مستقبل لاءِ تجديد جي عزم جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ارٿ آور جو پيغام عمل جي دعوت آهي ۽ هي صرف لائيٽون بند ڪرڻ تائين محدود ناهي پر هر ماڻهو ۽ هر برادري کي ماحولياتي ذميواري ۽ تحفظ تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو. اهڙن شعوري قدمن جو مجموعي اثر هڪ وڏي مثبت معاشرتي تبديلي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي بگاڙ کي سڌارڻ لاءِ اڄ اسان جا ڪيل فيصلا ايندڙ نسلن جي مستقبل جو تعين ڪندا. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي مستقبل ۾ پاڪستان کي فڪر جوڳي صورتحال سامهون آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي سطح تي گلوبل وارمنگ سبب ٺهندڙ نقصاندار گئسن ۾ هڪ حصي کان گهٽ آهي پر اسان جو ملڪ هن موسمياتي بحران جي مُک متاثرن ۾ شامل آهي، شديد ٻوڏ، ماحولياتي تبديلي سبب موسمياتي شدت ۽ تباهي آڻيندڙ آفتون اسان جي روزاني زندگي، خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي سميت ان جي ذخيرن جي بنيادي ڍانچي لاءِ خطرو آهن، حڪومت انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ موسمياتي مزاحمت تي ٻڌل ترقياتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. پاڻي جي نظام ۽ زرعي شعبي ۾ سڌارا، توانائي جي ماحول دوست متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري، گرين ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ، شهري نظام جي بهتري ۽ ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ موثر موسمياتي قدمن کي شامل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ماحول جي بحالي ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي تعمير لاءِ حڪومت عملي قدمن ۾ اپ اسڪيلنگ گرين پاڪستان پروگرام، ليونگ انڊس انيشيٽيو ۽ ريچارج پاڪستان ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جديد وارننگ سسٽم لڳائڻ جهڙا منصوبا شامل آهن. هن دعوت ڏني ته اچو ته اسان سڀ گڏجي عالمي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪريون. اڄ جي ماحول دوست پيغام ۾ هڪ مستقل طرز عمل ۾ تبديل ڪريون ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سرسبز، محفوظ ۽ مضبوط تواني پاڪستان جو بنياد رکون.











