اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاران سينيئر صحافي رضوان الرحمان جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر آمد، فاتحه خواني ڪئي

لاهور – 28 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڇنڇر ڏينهن هتي سينيئر صحافي رضوان الرحمان (رضوان رضي) جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير چيو ته رضوان رضي جي والده جي …

لاهور – 28 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڇنڇر ڏينهن هتي سينيئر صحافي رضوان الرحمان (رضوان رضي) جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير چيو ته رضوان رضي جي والده جي وفات جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، ماءُ جهڙي عظيم هستي جي وفات وڏو سانحو آهي، والده جي وفات سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ رضوان رضي ۽ سندس ڪٽنب ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري. ان موقعي تي وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ به وفاقي وزير سان گڏ هو.

مزید خبریں