بيجنگ-18 مارچ (اي پي پي)چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته چين -ويٽنام اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ مڪينزم جي پهرين وزارتي اجلاس ۾ ڌرين گڏيل رستي تي اڳتي وڌڻ، گڏيل تصور کي هٿي ڏيڻ، گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي هنوئي …
چين – ويٽنام اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ مڪينزم جو پهريون وزارتي اجلاس، گڏيل رستي تي اڳتي وڌڻ، گڏيل تصور کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
بيجنگ-18 مارچ (اي پي پي)چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته چين -ويٽنام اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ مڪينزم جي پهرين وزارتي اجلاس ۾ ڌرين گڏيل رستي تي اڳتي وڌڻ، گڏيل تصور کي هٿي ڏيڻ، گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي هنوئي ۾ چين – ويٽنام جي سفارتڪاري، دفاع ۽ پبلڪ سيڪيورٽي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ مڪينزم جي پهرين وزارتي اجلاس ۽ ٻه طرفي تعاون بابت گائيڊنس ڪميٽي جي 17 هين گڏجاڻي جي صدارت بعد چين جي ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. وانگ اي چيو ته اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ مڪينزم جي وزارتي سطح جي گڏجاڻي چين ۽ ويٽنام وچ ۾ عالمي سطح تي پنهنجي نوعيت جو پهريون اسٽريٽجڪ ڳالهين جو پليٽ فارم آهي . پهرين گڏجاڻي ۾ ڌرين گڏيل رستي تي اڳتي وڌڻ، گڏيل تصور کي هٿي ڏيڻ، گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل ڪارروائي تي اتفاق راءِ حاصل ڪيو. ٻنهي فيصلن تي ڳالهين ۽ تعاون کي مضبوط ڪرڻ، صدر شي جن پنگ جي گلوبل اميشيئيٽوز کي لاڳو ڪرڻ کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن جي مرڪزيت تي ٻڌل نظام ۽ عالمي قانون جي بنياد تي عالمي ترتيب کي مضبوطي سان برقرار رکڻ ۽ بالادستي ۽ طاقت جي سياست ۽ هڪطرفين پاليسين جي مخالفت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو . چين ۽ ويٽنام جي پرڏيهي وزير اسٽريٽجڪ ڳالهيون ڪيون ۽ ٻنهي ملڪن جي پبلڪ سيڪيورٽي وزارتن دهشتگردي خلاف تعاون جي ڪيترن ئي دستاويزن تي صحيحيون ڪيون. ان کان علاوه ٻنهي ملڪن جي فوج بحري جهازن جون گڏيل تربيتي مشقون ڪرڻ سميت مختلف سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ مڪينزم ۽ ٻيو وزارتي سطح جو اجلاس مناسب وقت تي چين ۾ معقد ڪيو ويندو.










