اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچيءَ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته نئين قيادت صحافتي برادري جي ڀلائي ۽ پيشيواراڻي معيار کي هٿي وٺائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي. هن نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر، سينئر نائب صدر نائب صدر ۽ ڪابينه جي ٻين …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچيءَ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته نئين قيادت صحافتي برادري جي ڀلائي ۽ پيشيواراڻي معيار کي هٿي وٺائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي. هن نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر، سينئر نائب صدر نائب صدر ۽ ڪابينه جي ٻين ميمبرن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون. آچر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جي نمائنده آواز جي حيثيت رکي ٿو ۽ هي ادارو پيشيواراڻن قدرن کي هٿي وٺائڻ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نيشنل پريس ڪلب جي نئين قيادت صحافين جي بهتري، انهن جي مسئلن جي حل ۽ آزاد، ذميوار ۽ معياري صحافت کي هٿي وٺائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻندي.هن نون عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اطهار ڪندي انهن جي ڪاميابي لاءِ دعا به ڪئي.











