پاڪستان ريلوي پاران مسافرن جي سهولت لاءِ عيد تي 4 خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو

لاهور -15 مارچ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير جي هدايت تي پاڪستان ريلويز عيد جي موقعي تي مسافرن جي سهولت لاءِ 4 خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان مطابق پهرين عيد اسپيشل ٽرين 16  مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي. اهڙي طرح ٻي عيد اسپيشل ٽرين (سڀاڻي) 17 مارچ  تي ڪوئٽا کان راولپنڊي ۽ ٽين عيد اسپيشل ٽرين  به ساڳئي ڏينهن ڪراچي کان …

لاهور -15 مارچ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير جي هدايت تي پاڪستان ريلويز عيد جي موقعي تي مسافرن جي سهولت لاءِ 4 خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان مطابق پهرين عيد اسپيشل ٽرين 16  مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي. اهڙي طرح ٻي عيد اسپيشل ٽرين (سڀاڻي) 17 مارچ  تي ڪوئٽا کان راولپنڊي ۽ ٽين عيد اسپيشل ٽرين  به ساڳئي ڏينهن ڪراچي کان پشاور  لاءِ روانو ٿينديون جڏهن ته چوٿين عيد اسپيشل ٽرين 18 مارچ تي ڪراچي کان لاهور لاءِ روانو ٿيندي. ترجمان موجب عيد تي مسافرن جي وڌندڙ رش کي نظر ۾ رکندي خاص ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي اباڻن علائقن تائين سفر ۾ وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪري سگهجي.