رياض -15 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي وڌيڪ 21 هزار 320 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 8 هزار 104 غيرقانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب 5 کان 11 مارچ 2026ع جي وچ ڌاري مجموعي طور تي 15 هزار 339 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 687 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ …
سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانون جي ڀڃڪڙين تي 8 هزار پرڏيهين جي بيدخلي
رياض -15 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي وڌيڪ 21 هزار 320 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 8 هزار 104 غيرقانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب 5 کان 11 مارچ 2026ع جي وچ ڌاري مجموعي طور تي 15 هزار 339 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 687 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 2 هزار 249 کي محنت واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو. غيرقانوني طور تي سعودي عرب مد اخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 683 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 62 سيڪڙو ايٿوپين، 36 سيڪڙو يمني ۽ 2 سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن. ان کان علاوه 72 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو جيڪي سرحد پار ڪري پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 22 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو.











