اسلام آباد -14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن ته حڪومتي بچت قدمن مان حاصل ٿيندڙ رقم عوامي رليف لاءِ استعمال ڪئي ويندي. عوامي رليف تي خرچ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جيئان سرڪاري ملڪيتي ادارن ۽ حڪومتي سرپرستي ۾ خودمختيار ادارن جي ملازمن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ٿيندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ …
حڪومتي بچت قدمن مان حاصل ٿيندڙ رقم عوامي رليف لاءِ استعمال ڪئي ويندي: وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ فيصلا

مزید خبریں
اسلام آباد -14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن ته حڪومتي بچت قدمن مان حاصل ٿيندڙ رقم عوامي رليف لاءِ استعمال ڪئي ويندي. عوامي رليف تي خرچ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جيئان سرڪاري ملڪيتي ادارن ۽ حڪومتي سرپرستي ۾ خودمختيار ادارن جي ملازمن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ٿيندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايف بي آر تي هفتيوار چار ڏينهن لاڳو نه هوندا اهي پنهنجي پراڻي طريقيڪار موجب فرض سرانجام ڏيندا جڏهن ته وزيراعظم سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن کي 23 مارچ جي تقريبن کي انتهائي سادگي سان ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سرڪاري آفيسرن، وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ معاون خاص جي پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو رهندي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي ۾ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن تي اثر ۽ حڪومتي بچت وارن قدمن تي عملدرآمد بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ استحڪام لاءِ پاليسي قدمن ۽ حڪومت پاران بچت قدمن جي لاڳو ٿيڻ تي اڳڀرائي ۽ ان جي اثرن تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي بچت قدمن مان حاصل ٿيندڙ رقم کي موجوده حالتن ۾ عوامي رليف لاءِ استعمال ڪيو ويندو. سمورن ڪفايت شعاري جي قدمن مان ڪيل بچت عوامي رليف لاءِ ئي استعمال ٿيندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن وانگر سرڪاري ملڪيتي ادارن ۽ حڪومتي سرپرستي ۾ خودمختيار ادارن جي ملازمن جي پگهارن ۾ ترتيبوار 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي ويندي جنهن کي عوامي رليف لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريشنز ۽ ٻيا ادارا جن جي بورڊز ۾ حڪومتي نمائندا موجود آهن، اهي حڪومتي نمائنده بورڊ ۾ شرڪت جي فيس نه وٺندا ۽ ان فيس کي بچت جي رقم ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستاني سفارتخانن کي 23 مارچ جون تقريبون انتهائي سادگي سان ملهائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايف بي آر تي هفتيوار چار ڏينهن لاڳو نه هوندا پر هو پنهنجي پراڻي طريقيڪار موجب فرض سرانجام ڏيندا. ايندڙ ٻه مهينا سمورن کاتن جي سرڪاري گاڏين کي ملندڙ تيل ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي ۽ سرڪاري گاڏين کي 60 سيڪڙو گرائونڊ ڪرڻ واري فيصلي جي حوالي سان ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي ويندي. اجلاس کي حڪومت پاران نئين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي ۽ باقي سمورين سرڪاري خريدارين تي پابندي تي عملدرآمد تي به بريفنگ ڏني وئي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن مهينن لاءِ ڪابينه ميمبر، وزير، مشير ۽ معاون خاص جي پگهارن کي به بچت طور عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيرن، مشيرن ۽ معاون خصوصي جي پرڏيهي دورن تي به مڪمل پابندي ۽ ٽيلي ڪانفرنسنگ ۽ آن لائين ميٽنگز کي ترجيح ڏيڻ واري فيصلي جي لاڳو ڪرڻ تي به اجلاس کي آگاهي ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن، وزيرن، مملڪت وزيرن ۽ خصوصي معاونن جي پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو رهندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي سمورن حڪمن ۽ قدمن تي عملدرآمد ۽ نگراني لاڳاپيل سيڪريٽريز پاڻ ڪندا ۽ روزانهي جي بنياد تي جائزه ڪميٽي کي رپورٽ پيش











