اي اين ايف جو منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 1 ڪروڙ 45 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ

اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي ڀرپاسي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون ڪندي 1 ڪروڙ 45 لک کان وڌيڪ ماليت جي 156.7 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران سخي سرور روڊ ڊي جي خان ويجهو جوابدار وٽان …

اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي ڀرپاسي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون ڪندي 1 ڪروڙ 45 لک کان وڌيڪ ماليت جي 156.7 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران سخي سرور روڊ ڊي جي خان ويجهو جوابدار وٽان 2 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي. ڊرائي پورٽ چوڪ سيالڪوٽ ويجهو 2 جوابدارن وٽان 300 گرام چرس ۽ قراقرم هاءِ وي روڊ هريپور ويجهو جوابدار وٽان 500 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ٻين ڪارروائين ۾ ڪوٽ عبدالمالڪ ٽول پلازه شيخوپورا ويجهو گاڏي مان 114 ڪلو چرس، 37 ڪلو آفيون هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. لائن روڊ پشاور ويجهو جوابدار وٽان هڪ ڪلو چورس هٿ ڪيو ويو. ڪارروائين جو منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں