پاڪ فوج افغان طالبان جي ڊرونز کي سافٽ ۽ هارڊڪل ٽيڪنالاجي ذريعي فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -14 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته افغان طالبان پاڪستان جي بهادر عوام کي هراسان ڪرڻ لاءِ 13 مارچ 2026ع  تي غير ترقي يافته (ابتدائي) نوعيت جي ڊرونز حملي لاءِ انهن ڊرونز کي سافٽ ۽ هارڊڪل ٽيڪنالاجي ذريعي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ نه ڏنو ويو. پر انهن ڊرونز جو ملبو ڪرڻ …

راولپنڊي -14 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته افغان طالبان پاڪستان جي بهادر عوام کي هراسان ڪرڻ لاءِ 13 مارچ 2026ع  تي غير ترقي يافته (ابتدائي) نوعيت جي ڊرونز حملي لاءِ انهن ڊرونز کي سافٽ ۽ هارڊڪل ٽيڪنالاجي ذريعي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ نه ڏنو ويو. پر انهن ڊرونز جو ملبو ڪرڻ سبب ڪوئٽا ۾ ٻه ٻار جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي ۾ هڪ هڪ شهري زخمي ٿيو.  آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس رليز موجب انهن حملن جو مقصد عوام ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ هو جيڪو اسان کي افغان طالبان جي دهشتگرداڻي ذهنيت جي ياد ڏياري ٿو ۽ اهو افغان طالبان جي ميراث آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته هڪ پاسي افغان طالبان عالمي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪن ٿا جڏهن ته ٻئي پاسي هو پنهنجي دهشتگرد پراڪسيز ۽ ڊرونز ذريعي عام شهرين کي نشانو بڻائين ٿا. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي، ته پاڪستان جو عوام  هٿياربند فوج افغانستان تي حڪمراني ڪندڙ دهشتگرد مليشيا جي اصل فطرت ۽ عزمن کان آگاهه آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان جو آپريشن غضب للحق دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو ۽ جيستائين افغان طالبان پاڪستان خلاف دهشتگردي بند نٿا ڪن ڪارروائيون جاري رهنديون. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي، ته پاڪستان جي هٿياربند فوج افغان طالبان جي ڊرون حملن سميت ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ۽ ان جي مظاهري خلاف جنگ ۾ ثابت قدم آهي، اسان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف پاڪستاني عوام جو دفاع ڪندا رهنداسين ۽ افغان طالبان جي اهڙي قسم جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين آڏو نه جهڪنداسين.

مزید خبریں