سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزيرن جو ٽيليفونڪ رابطو

رياض -14 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير  شهزاده فيصل بن فرحان  سان ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير جوهيون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي کان علاوه خطي ۾ ٿيندڙ  ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون. …

رياض -14 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير  شهزاده فيصل بن فرحان  سان ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير جوهيون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي کان علاوه خطي ۾ ٿيندڙ  ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون. ٻئي پاسي ڪينيڊيا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند به شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سلامتي ۽ استهڪام کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.