رياض -14 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فضائي ڪمپني سعوديه عيدالفطر تي رياض، جده ۽ ريڊ سي ڊيسٽينيشن وچ ۾ وڌيڪ 20 اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ انهن رستن تي اڏامن جو ڪل انگ 44 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها توسيعي سروس سعودي ٽوئرزم اٿارٽي ۽ ريڊ سي گلبول جي سهڪار سان ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد سعودي عرب م اعليٰ …
سعودي فضائي ڪمپني سعوديه پاران عيدالفطر تي رياض، جده ۽ ريڊ سي ڊيسٽينيشن وچ ۾ وڌيڪ 20 اڏامون هلائڻ جو اعلان
رياض -14 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فضائي ڪمپني سعوديه عيدالفطر تي رياض، جده ۽ ريڊ سي ڊيسٽينيشن وچ ۾ وڌيڪ 20 اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ انهن رستن تي اڏامن جو ڪل انگ 44 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها توسيعي سروس سعودي ٽوئرزم اٿارٽي ۽ ريڊ سي گلبول جي سهڪار سان ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد سعودي عرب م اعليٰ معيار جي سياحتي ماڳن کي هٿي وٺائڻ آهي. ريڊ سي موجب ان قدم جو مقصد ريڊ سي ڊيسٽينيشن کي عالمي معيار جو لگزري سياحتي مرڪز بڻائڻ آهي.











